قسمت راءِ ڇڳاڻي

قسمت راءِ ڇڳاڻي: نامور ليکڪ ۽ ايڊيٽر قسمت راءِ ٽي. ڇڳاڻي ويهين صديءَ جي پهرين ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق لاڙڪاڻي جي مشهور ڇڳاڻي خاندان سان هو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪيائين، کيس ننڍپڻ ۾ ئي لکڻ پڙهڻ ۽ مطالعي جو ڪافي شوق هو. اڳتي هلي هن صحافت جي ميدان ۾ پير پاتو. قسمت راءِ درازي درگاهه جو معتقد ۽ مريد هو، تنهنڪري صوفي ۽ ويدانتي خيالن جو هو. لاڙڪاڻي جي صوفي سنگت جي مکيه ميمبرن مان هو. لاڙڪاڻي جي فقيري سنگت پاران ماهوار ’صوفي‘ رسالو نڪرندو هو، جنهن جو اڳتي هلي هيءُ ايڊيٽر ٿيو. هفتيوار اخبارايڪتا‘ به ڪڍيائين، جيڪا پير الاهي بخش جي روينيو منسٽر واري دور ۾ هفتيوار مان ڦِري روزاني ٿي. صحافت جي مـيـدان ۾ چـڱـو نالـو ڪمـايائيـن. ورهـاڱي بعد ’ايڪتااخبار بند ٿي وئي ۽ قسمت راءِ ڇڳاڻي ڀارت لڏي ويو.


لفظ قسمت راءِ ڇڳاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو